پاڪستان ۽ بحرين جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، اسان جي خواهش آهي ته بحرين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، اسان جي خواهش آهي ته بحرين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار بحرين جي گهرو وزير جنرل راشد بن عبدالله الخليفه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم بحرين جي گهرو وزير کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. وزيراعظم بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته بحرين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گذرندڙ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان بحرين سان واپار سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته بحرين ۾ هڪ لک 20 هزار جي لڳ ڀڳ پاڪستاني موجود آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بحرين جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ تيز تر ويزا پراسيسنگ جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته بحرين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري، اسان ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ان حوالي سان نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم بحرين جي پوليس اهلڪارن جي نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ تربيت جي لاءِ پڻ آڇ ڪئي. بحرين جي گهرو وزير پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.