ترڪيه جي قومي دفاع واري وزير ياسر گلر 8 کان 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪيو،  پاڪستان – ترڪيه گڏيل وزارتي ڪميشن جي 16هين اجلاس ۾ ترڪ وفد جي قيادت ڪئي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي قومي دفاع واري وزير ياسر گلر 8 کان 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان – ترڪيه گڏيل وزارتي ڪميشن جي 16هين اجلاس ۾ ترڪ وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران هن وزيراعظم محمد شهباز شريف، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پڻ …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي قومي دفاع واري وزير ياسر گلر 8 کان 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان – ترڪيه گڏيل وزارتي ڪميشن جي 16هين اجلاس ۾ ترڪ وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران هن وزيراعظم محمد شهباز شريف، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران ٻنهي ڌرين ڀائر ملڪن جي وچ ۾ هر شعبي ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري، گڏيل تحقيق ۽ ترقي، آءِ ٽي، زراعت، توانائي، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ترڪيه جي قومي دفاع واري وزير جي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقاتن ۾ ڌرين اسٽريٽجڪ ۽ دفاعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ترڪيه گڏيل وزارتي ڪميشن جي 16هين اجلاس جي گڏيل صدارت واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال ۽ ترڪيه جي دفاع واري وزير ياسر گلر ڪئي. اجلاس ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ايجنڊا تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. واپار، سيڙپڪاري، دواسازي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، اي ڪامرس، رابطاڪاري ۽ ٽرانسپورٽ، توانائي، تعليم، معدنيات، زراعت، ميڊيا ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ان دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع البنياد ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ٿيو. ٻئي ڌريون ڀائراڻي لاڳاپن کي گهڻ رخي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن.