معيشت جا اهم اهڃاڻ درست رُخ طرف گامزن آهن: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ پُرعزم آهي، ڪاروباري سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، وزيراعظم جي تازي چين جي دؤري سان ٻه طرفي معاشي ناتن کي وڌيڪ هٿي حاصل ٿيندي، ناڻي واڌ تي ضابطو رکڻ لاءِ اثرائتي نگراني ڪئي پئي وڃي. هن اها ڳالهه …

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ پُرعزم آهي، ڪاروباري سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، وزيراعظم جي تازي چين جي دؤري سان ٻه طرفي معاشي ناتن کي وڌيڪ هٿي حاصل ٿيندي، ناڻي واڌ تي ضابطو رکڻ لاءِ اثرائتي نگراني ڪئي پئي وڃي. هن اها ڳالهه پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جاويد قريشي ۽ چيئرپرسن ڊاڪٽر زيلاف منير ڪري رهيو هو. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ کين پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال جي باري ۾ بريفنگ ڏني. هن چيو ته معيشت جا اهم اهڃاڻ درست رُخ طرف گامزن آهن. ناڻي واري وزير رياستي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن، نجڪاري پروگرام ۽ عوامي شعبن کي بهتر بنائڻ سميت حڪومتي سڌارن جي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته انهن قدمن سان ڊگهي مُدي واري استحڪام لاءِ بنياد فراهم ٿي رهيو آهي. هن معاشي استحڪام تي زور ڀريندي مٽاسٽا جي شرح ۽ پاليسي ريٽ ۾ استحڪام جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته انهن رجحانن جي مستقبل ۾ به جاري رهڻ جي اميد آهي جيڪي ملڪ ۾ ڊگهي مُدي واري معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي. هن بندرگاهن، روڊن ۽ ريلوي جي بنيادي ڍانچي کي جديد بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته ان سان ملڪي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ روانگي واپار جي موقعن ۾ وسعت آڻي سگهجي ٿي. ناڻي واري وزير وفد کي آمريڪا سان جاري ٽيرف ڳالهين جي باري ۾ آگاهه ڪيو جن سان پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙن کي خطي ۾ اُڀرندڙ چٽاڀيٽي فائدن جي بنياد تي اهم موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا. هن پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ ٻين تنظيمي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪاروباري ادارن وچ ۾ سڌيءَ ريت رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪن. ناڻي واري وزير وزيراعظم جي چين جي تازي دؤري جي هاڪاري نتيجن تي روشني وڌي جنهن ۾ اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڳالهين، ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ملاقاتن، خاص ورڪنگ گروپس جو قيام ۽ نجي شعبي جي غير معمولي نمائندگي شامل هئي. هن چيو ته انهن رابطن جي نتيجي ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن جيڪو ٻه طرفي معاشي ناتن کي هٿي وٺرائڻ ۾ حڪومت جي پُختي عزم جو مظهر آهي. ناڻي واري وزير وفد کي ٽيڪس پاليسي آفيس کي فيڊرل بورڊ آف روينيو سان ناڻي وزارت منتقل ڏانهن منتقل ڪرڻ جي فيصلي کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ان سان ٽيڪس بابت سمورين پاليسي معاملن کي وسيع تر معاشي پاليسي سازيءَ سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ملڪ جي مختلف حصن ۾ سانوڻي جي برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي به ڳالهه ڪئي ۽ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ ضرورتن جي سُڃاڻپ جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير چيو ته صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ 2020ع جي ٻوڏ مان حاصل ٿيل تجربن مان فائدو کنيو پيو وڃي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ناڻي واڌ جي صورتحال قابو ۾ رهندي ڇاڪاڻ ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ سان امپورٽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي آهي. هن ٻُڌايو ته حڪومت صورتحال تي گهري نظر رکيو پئي اچي ۽ مهانگائي بابت وزيراعظم جي قائم ڪيل اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس به منعقد ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٻيو ان ئي هفتي متوقع آهي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد ناڻي واري وزير جي خيالن جي تائيد ڪندي حڪومت جي اقتصادي پاليسين ۽ سڌارن وارن قدمن کي ساراهيو. وفد پاليسي تحقيق ۽ تياريءَ ۾ حڪومت کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ مسلسل صلاح مشوري ۽ـ تعميري ڊائلاگ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.