اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان آسيان انٽر پارلياماني اسيمبلي (اي آءِ پي اي) جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات ۾ خطي ۾ امن، ترقي ۽ پارليامينٽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ۽ ڊجيٽل اڪانومي، تجديد جوڳي توانائي، موسيماتي تبديلين جا اثر، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ …
سينيٽ چيئرمين سان آسيان انٽر پارلياماني اسيمبليءَ جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان آسيان انٽر پارلياماني اسيمبلي (اي آءِ پي اي) جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات ۾ خطي ۾ امن، ترقي ۽ پارليامينٽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ۽ ڊجيٽل اڪانومي، تجديد جوڳي توانائي، موسيماتي تبديلين جا اثر، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سان سندس رهائشگاهه تي آسيان انٽر پارلياماني اسيمبلي جي سيڪريٽري جنرل آرستي روز ائمير يانتي داتو حاجي عبدالرحمان ملاقات ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني، سيڪريٽري جنرل جي آجيان ڪندي پاڪستاني عوام ۽ سينيٽ طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن معزز مهمان کي اي آءِ پي اي جي پهرين عورت سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ ۽ انجنيئرنگ ۽ ترقي جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي آسيان فيڊريشن آف انجنيئرنگ آرگنائيزيشن طرفان ”آنريري فيلو ايوارڊ“ حاصل ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ آسان جي پُراڻن ناتن تي روشني وڌندي چيو ته پاڪستان 1993ع ۾ آسيان جو ”سيڪٽورل ڊائلاگ پارٽنر“ بڻيو هو ۽ ان کانپوءِ گڏيل سهڪار جو دائرو ”آسان- پاڪستان جوائنٽ سيڪٽورل ڪوآپريشن ڪميٽي) تحت وڌيڪ وڌيو. هن ٻُڌايو ته پاڪستان 2022ع ۾ اي آءِ پي اي جو ”آبزرور“ بڻيو ۽ تڏهن کان هر سال ان جي اجلاسن ۽ فورمز ۾ ڀرپور شرڪت ڪري رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين، سيڪريٽري جنرل کي ”انٽر پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس“ جي قيام کان پڻ آگاهه ڪيو، جيڪو هلندڙ سيئول ۾ سندس قيادت ۾ عمل ۾ آئي. هي پليٽ فارم گڏيل ڀاڙڻ، گڏيل خوشحالي ۽ آفاقي قدرن جي اصولن تي ٻَڌل آهي، جنهن جو مقصد عالمي پارلياماني ڳالهين ۽ گڏيل مسئلن جي حل کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان نومبر ۾ اسلام آباد ۾ آءِ ايس سي جو پهريون اجلاس منعقد ڪندو جنهن جو عنوان ”امن، استحڪام ۽ ترقي“ آهي. ان موقعي تي هن باضابطه طور تي شرڪت جي دعوت به ڏني. ملاقات دوران آءِ ايس سي جي سفير مصباح کر پڻ ڪافنرنس جي ويزن ۽ تيارين تي روشني وڌي. هن عورتن کي بااختيار بنائڻ جي پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته آءِ ايس سي امن، هم آهنگي ۽ ڳالهين جو اثرائتو پليٽ فارم آهي. سينيٽ چيئرمين عورتن کي بااختيار بنائڻ، مساوات، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ شموليتي ۽ جمهوري طرزِ حڪمراني کي پاڪستان جي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته پاليسي سازي ۽ سفارتڪاري ۾ عورتن جي ڪردار کي هٿي وٺرائڻ پاڪستان جي ترقياتي حڪمتِ عملي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن انساني حقن، جمهوري قدرن ۽ ڪمزور طبقن جي تحفظ جي عزم کي به ورجايو ۽ـ چيو ته انصاف، شموليت ۽ احتساب کي هٿي وٺرائڻ ۾ پارليامينٽ جو اهم ڪردار آهي. ٻنهي ڌُرين پارلياماني سفارتڪاري ۽ گڏيل سهڪار ذريعي گڏيل چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين زور ڀريو ته اي آءِ پي اي، آءِ ايس سي، گڏيل قومن ۽ آءِ سي جهڙن فورمز ذريعي مستقل رابطا خطي ۾ امن، مساوات ۽ يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڻٽر آهن. سيڪريٽري جنرل خطي ۾ پارلياماني ڳالهين ۽ سهڪار لاءِ پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار کي ساراهيو ۽ آءِ ايس سي جي قيام کي وقت سر ۽ جامع قدم قرار ڏنو. هن اي آءِ پي اي طرفان علائقائي سهڪار، عوامي رابطن ۽ ايشيا پيسفڪ خطي ۾ گڏيل خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ جو عزم ڪيو. ملاقات ۾ پارلياماني سفارتڪاري کي وڌيڪ هٿي ۽ گڏيل قدرن کي زور وٺرائڻ تي زور ڀريو ۽ خطي کي پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو ويو.












