اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق اسرائيل جي قطر تي ڪيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي حملا عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کُليل ڀڃڪڙي آهن، اسرائيلي اڳرائي رياستي خودمختياري جي تقدس تي کُليل حملو آهي. قطر جي شوريٰ ڪائونسل جي اسپيڪر حسن بن عبدالله الغانم نالي خط ۾ اسپيڪر چيو ته عالمي امن لاءِ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو قطر جي شوريٰ ڪائونسل جي اسپيڪر نالي خط
اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق اسرائيل جي قطر تي ڪيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي حملا عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کُليل ڀڃڪڙي آهن، اسرائيلي اڳرائي رياستي خودمختياري جي تقدس تي کُليل حملو آهي. قطر جي شوريٰ ڪائونسل جي اسپيڪر حسن بن عبدالله الغانم نالي خط ۾ اسپيڪر چيو ته عالمي امن لاءِ سرحدن جو احترام بنيادي شرط آهي، اسرائيلي چڙ ڏياريندڙ اڳرائي خطرناڪ آهي، عالمي برادري اسرائيلي قدمن جي فوري مذمت ڪري. اسپيڪر پارليامينٽ ۽ عوام طرفان قطر جي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته قطر خطي ۾ امن ۽ سفارتڪاريءَ لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، قطر تي حملو پوري مسلم اُمت تي حملي برابر آهي. عالمي برادري قطر تي اڳرائيءَ جي ذميدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. اسپيڪر عالمي برادري اسرائيل جي جارحاڻي قدمن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻي، قانونن تي عمل عالمي نظام امن جو تحفظ اڻٽر آهي. اسپيڪر قطر جي عوام ۽ شوريٰ ڪائونسل سان مڪمل حمايت ۽ يڪجهتيءَ جو ورجاءُ ڪندي چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام پنهنجي قطري ڀيڻن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن.












