پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به تيزي، انڊيڪس هڪ لک 57 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد پار ڪري ويو

اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ اڪسچينج ۾ اربع ڏينهن مسلسل ٽئين ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 504.46 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 57 هزار پوائنٽس جي نئين نفسياتي حد کي ڪاميابي سان پار ڪري ويو. ڏينهن جي شروعات تيزي سان ٿي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 504.46 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 57 هزار 67.98 پوائنٽس تي پهچي ويوجيڪو …

اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ اڪسچينج ۾ اربع ڏينهن مسلسل ٽئين ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 504.46 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 57 هزار پوائنٽس جي نئين نفسياتي حد کي ڪاميابي سان پار ڪري ويو. ڏينهن جي شروعات تيزي سان ٿي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 504.46 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 57 هزار 67.98 پوائنٽس تي پهچي ويوجيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. صبح جو ساڍي 11 وڳي تائين 19.21 ارب روپين جي ماليت جي شيئرز جي ڏي وٺ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 188.49 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 48 هزار 184 پوائنٽس تي پهچي ويو ڪاروبار جي شروعات ۾ ورلڊ ٽيليڪام، ڪي اليڪٽرڪ، بئنڪ آف پنجاب، ايف اين اي ايل ۽ سوئي سدرن گيس جي شيئرز ۾ خريدارن طرفان وڌيڪ دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي.