اسلام آباد-10سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ نيوي جو امدادي آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج ڪشمور،گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل 4 هزار 335 ماڻهن کي جديد هوور ڪرافٽس ۽ ٻيڙين ذريعي ڪڍي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.اهي هوور ڪرافٽس زمين، پاڻي ۽ ڌٻڻ وارن علائقن ۾ آپريشن جي صلاحيت رکن ٿا جنهن جي ڪري متاثرن کي ڏکين …
پاڪ نيوي جو ٻوڏ متاثرن لاءِ ريليف آپريشن جاري
اسلام آباد-10سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ نيوي جو امدادي آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج ڪشمور،گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل 4 هزار 335 ماڻهن کي جديد هوور ڪرافٽس ۽ ٻيڙين ذريعي ڪڍي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.اهي هوور ڪرافٽس زمين، پاڻي ۽ ڌٻڻ وارن علائقن ۾ آپريشن جي صلاحيت رکن ٿا جنهن جي ڪري متاثرن کي ڏکين حالتن مان فوري طور تي ڪڍڻ ممڪن ٿيو آهي. پاڪ نيوي ڪي پي ڪي جي ضلعن سوات،بونير ۽ شانگلا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ميڊيڪ ڪيمپ قائم ڪيون آهن جتي متاثرن کي راشن، طبي امداد ۽ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته قصور ،راجن پور ،ڊيره اسماعيل خان، ميرپورخاص، سکر،سانگهڙ ۽ سجاول وارن علائقن ۾ پڻ ريليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.پاڪ نيوي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ نيوي ٻوڏ متاثر هم وطنن جي مدد ۽ امدادي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ تيار آهي.












