اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ملڪ ۾ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ لاڳاپيل وزير، سيڪريٽريز ۽ چيف سيڪريٽريز شامل هوندا، ٻوڏ صورتحال ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ لاءِ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ لاڳاپيل آفيسر شرڪت ڪندا. …
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان، وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم، ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ملڪ ۾ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ لاڳاپيل وزير، سيڪريٽريز ۽ چيف سيڪريٽريز شامل هوندا، ٻوڏ صورتحال ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ لاءِ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ لاڳاپيل آفيسر شرڪت ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ کان وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڪئي پئي وڃي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ ذميواريون ڏنيون ويون آهن، ايندڙ هفتي انگ اکر ۽ تفصيل سامهون اچي ويندا، ٻوڏ ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ پاڪستاني مرد، عورت ۽ ٻار پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن، هزارين ماڻهو زخمي آهن ۽ هزارين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪالهه مون جي ايڇ ڪيو ۾ پاڪ فوج جي بهادر آفيسر ميجر عدنان اسلم جنهن فتنه الخوارج جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سندس والد ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن سان پڻ ملاقات ٿي، شهيد جو والد انتهائي جذبي سان سرشار هو. هن آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير جي موجودگي ۾ مون کي چيو ته کيس پنهنجي پٽ جي شهادت تي فخر آهي، سندس سُهري به اهڙي طرح جي جذبن جو اظهار ڪيو جڏهن ته ان جي ڀينرن چيو ته اسان جي ڀاءُ عظيم قرباني ڏني آهي، شهيد جي گهرڀاتين به ملڪ جي لاءِ قرباني ڏيڻ جي جذبي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها جذبا رڳو ميجر عدنان اسلم شهيد جي خاندان جا نه آهن پر پاڪ فوج جا سمورا آفيسر ۽ جوان انهي جذبي سان سرشار آهن ۽ انهن قربانين جي لازوال تاريخ لکي آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين تي فخر ڪري ٿي، پوري قوم شهيدن، غازين ۽ انهن جي خاندانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪجهه ماڻهو انهن قربانين جي سوشل ميڊيا تي جهڙي طرح توهين ڪري رهيا آهن ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي، گهٽ آهي، پاڪستان کي فتنه الخوارج مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ جيڪي عظيم قربانيون ڏنيون پيون وڃن انهن جو ادراڪ ٿيڻ گهرجي، ان فتني جو خاتمو نه ڪيو ويو ته پاڪستان سان ان کان وڏو ڪو ظلم نه هوندو، اهو اسان جو قومي فرض آهي ته ان فتني کي پاڙ کان پٽي اڇلايو وڃي، پاڪ فوج ۽ ان جي قيادت کي جهڙي طرح سوشل ميڊيا تي نشانو بڻايو پيو وڃي اهو ناقابل برداشت آهي، ان کي چيڀاٽڻو پوندو. وزيراعظم سامونڊي معاملن جي وزير جنيد انوار چوڌري جي والده، مملڪتي وزير رشيد ملڪ جي وڏي ڀاءُ، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي والد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحُومن جي لاءِ فاتحه خواني ڪرائي. وزيراعظم چين جي دوري تي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته نائب وزيراعظم، لاڳاپيل وزيرن ۽ ايس آءِ ايف سي جي عملدارن سميت حڪومتي ٽيم جي ڪوششن جي نتيجي ۾ چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو ۽ بزنس ڪانفرنس جو شاندار انعقاد ٿيو، اسان کي ان معاملي تي مسلسل ۽ وڌيڪ اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾ ڪا ڪوتاهي، دير يا غفلت قابل قبول ۽ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته چين دنيا جي هڪ طاقتور عسڪري ۽ معاشي قوت بڻجي چڪو آهي جنهن جو مظاهرو شاندار فوجي پريڊ ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آيو. وزيراعظم چيو ته چين جي دوري دوران ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ۽ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون، سي پيڪ فيز ٽو جي مقصدن، زراعت، بي ٽو بي سيڙپڪاري، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ قراقرم هاءِ وي جي فنانشل ماڊلز جو اعلان ڪيو ويندو، 85 سيڪڙو چيني سيڙپڪاري جڏهن ته 15 سيڪڙو پاڪستاني سيڙپڪاري هوندي، 26 سيپٽمبر تي وفاقي وزير احسن اقبال چين ويندو ۽ اتي سي پيڪ 2.0 جي ٻئي مرحلي جي منصوبن جو اعلان ٿيندو. وزيراعظم ٻڌايو ته چين ۾ بزنس ايونٽ دوران ساڍا 8 ارب ڊالر جا اعلان ٿيا، ان ۾ جوائنٽ وينچرز ۽ ايم او يوز ٻئي شامل آهن. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن آمريڪي ڪمپنين سان به ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تحت مائنز اينڊ منرلز خاص طور تي جيمز اينڊ اسٽونز جي حوالي سان آمريڪي سيڙپڪاري ايندي، پاڪستان ۾ گلگت بلتستان، چترال ۽ بلوچستان سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ منرلز جا خزانا موجود آهن جن کي ڪڍڻ جي لاءِ وڏي آمريڪي سيڙپڪاري ايندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت آمريڪا سان لاڳپان جي فروغ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان کي آمريڪا سان پڻ بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻا آهن ۽ چين سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري کي پڻ مضبوط بڻائڻو آهي، 16 – 2015ع ۾ نواز شريف جي حڪومت ۾ اسان ايل اين جي جا 5 پلانٽس هنيا جن مان 4 آمريڪن ڪمپني ۽ هڪ سيمنز کي مليو. انهن ڪمپنين جي اعليٰ عهديدارن چيو ته ايترو شفاف پروڪيورمنٽ پروسيجر دنيا ۾ ڪٿي نه ڏٺو، اهي دنيا جا سڀ کان سستا پلانٽس هئا ۽ جيڪا مشينري هنئي وئي اها جديد ترين هئي، ايمانداري ۽ محنت ئي نالو ڪمائڻ جو واحد طريقو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ پاڪستان ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ وڏي پئماني تي تباهي مچائي آهي، هاڻي ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ۾ پڻ داخل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻي پوندي، اهو تمام وڏو چئلينج آهي، پاڪستان اڪيلي ان کي منهن نٿو ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ روڊ ميپ جوڙڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ ذميواريون ڏنيون ويون آهن، ايندڙ هفتي انگ اکر ۽ تفصيل سامهون اچي ويندا، چانور، مڪئي، ڪمند ۽ ڪپهه سميت وڏي پئماني تي فصلن کي نقصان ٿيو آهي جن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي، اهو معاملو وفاقي ڪابينا ۾ پڻ کڻي اينداسين، ٻوڏ ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ پاڪستاني مرد، عورت ۽ ٻار پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن، هزارين ماڻهو زخمي آهن ۽ هزارين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي ڪري گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي. وزيراعظم ملڪ ۾ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪندي چيو ته وفاقي ڪابينا احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري رهي آهي جنهن ۾ لاڳاپيل وزير ۽ سيڪريٽريز شامل هوندا، چيف سيڪريٽريز پڻ ڪميٽي جو حصو هوندا. ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس پڻ گهرايو ويندو جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هوندا، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻو پوندو. وزيراعظم قطر ۾ اسرائيل جي بي رحماڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل قطر جي سالميت ۽ خودمختياري تي حملو ڪيو آهي، فلسطين ۾ بيگناهه ٻارن، بزرگن، جوانن ۽ مردن ۽ عورتن جو رت وهايو پيو وڃي، دنيا جي تاريخ ۾ ان قتلام جو مثال نٿو ملي. وزيراعظم ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ان صورتحال تي ڪالهه بيان جاري ڪيو، مون قطر جي امير سان پاڻ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو مشڪل وقت ۾ يڪجهتي جي اظهار تي ٿورو ادا ڪيو، اسان کي انهن کي يقين ڏيارڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين.












