اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ ٻوڏ صورتحال جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، اين ڊي ايم اي امدادي ڪاررواين جي لاءِ صوبائي حڪومت ۽ سنڌ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان مڪمل تعاون ڪري، ڪراچي ۾ ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي امداد ۽ بحالي جي …
وزيراعظم سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ ٻوڏ صورتحال جو نوٽيس ورتو
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ ٻوڏ صورتحال جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، اين ڊي ايم اي امدادي ڪاررواين جي لاءِ صوبائي حڪومت ۽ سنڌ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان مڪمل تعاون ڪري، ڪراچي ۾ ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ترجيحي قدم کنيا وڃن، ٻوڏ ۾ گم ٿي ويندڙن کي جلد کان جلد ڳوليو وڃي، متاثر مواصلاتي نظام جي بحالي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪراچي ۾ متحرڪ امدادي ڪاررواين تي ريسڪيو 1122، پاڪ فوج ۽ رينجرز کي ساراهيو ۽ گڏاپ نديءَ ۾ شهرين جي ٻڏي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اين ڊي ايم اي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ٻوڏ جي ڏس ۾ امدادي ڪاررواين جي لاءِ صوبائي حڪومت ۽ سنڌ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان مڪمل تعاون ڪري، لاڳاپيل ادارا ٻوڏ ۾ گم ٿي ويل ماڻهن کي جلد کان جلد ڳولين، عوام کي ٻوڏ صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ شهري ٻوڏ کان بچي سگهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ کان متاثر مواصلات واري نظام جي جلد کان جلد بحالي ۽ ڪراچي ۾ ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهن.












