اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي آپريشن جاري آهي. اين ڊي ايم اي پاران جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ اين ڊي ايم اي جي ويئر هائوس مان …
وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي اين ڊي ايم اي جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي آپريشن جاري
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي آپريشن جاري آهي. اين ڊي ايم اي پاران جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ اين ڊي ايم اي جي ويئر هائوس مان امدادي سامان پنجاب روانو ڪيو ويو. اڄ اربع ڏينهن 20 ٽرڪن تي ٻڌل قافلو امدادي سامان کڻي روانو ٿيو اهو سامان پي ڊي ايم اي پنجاب جي حوالي ڪيو ويندو. امدادي سامان ۾ هيٽرز، فولڊنگ بيڊز/ بسترا، رليُون ۽ سوڙيُون شامل آهن. ان کان اڳ 9 سيپٽمبر تي 10 ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان جو قافلو پڻ روانو ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي جي مقامي ويئر هائوس مان ڪمبل ۽ پاڻي جا ڪين پڻ پي ڊي ايم اي پنجاب جي حوالي ڪيا ويا آهن. هيستائين پنجاب کي فراهم ڪيل 1660 ٽن امدادي سامان ۾ ڪمبل، تنبو، مهاريُون، پاڻي صاف ڪرڻ جا پلانٽ، رليُون، فولڊنگ بيڊ، پاڻي جي ڊرمن سميت 17 ٻيڙيون شامل آهن. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل سول ۽ عسڪري ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهي. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن پاران جاري امدادي ڪاررواين جي هر وقت نگراني ڪري رهيو آهي.












