نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران دوحه تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دوحه تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اهو حملو عالمي قانون ۽ انساني اصولن جي واضح خلاف ورزي آهي. شهرين ۽ خودمختيار رياست جي سرزمين کي نشانو بڻائڻ سنگين جارحيت آهي. پاڪستان اهڙين حالتن ۾ قطر جي …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دوحه تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اهو حملو عالمي قانون ۽ انساني اصولن جي واضح خلاف ورزي آهي. شهرين ۽ خودمختيار رياست جي سرزمين کي نشانو بڻائڻ سنگين جارحيت آهي. پاڪستان اهڙين حالتن ۾ قطر جي عوام ۽ رياست سان پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.