اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀائر ملڪ قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسرائيل پاران انتهائي اشتعال انگيز ۽ غيرذميواراڻو قدم قطر جي خودمختياري، عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي مڃيل اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي. پاڪستان غيرقانوني ۽ بنا جواز جارحيت جي خلاف ڀائر رياست قطر سان …
پاڪستان پاران ڀائر ملڪ قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت
اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀائر ملڪ قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسرائيل پاران انتهائي اشتعال انگيز ۽ غيرذميواراڻو قدم قطر جي خودمختياري، عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي مڃيل اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي. پاڪستان غيرقانوني ۽ بنا جواز جارحيت جي خلاف ڀائر رياست قطر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيل جو اهو قدم خطي کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ان جي پاليسي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کان مسلسل لاپرواهي جو هڪ ٻيو ثبوت آهي. پاڪستان واضح ڪيو ته اهڙي کليل ڇوٽ عالمي برادري کي هرگز قبول نه ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت جي پنهنجي اصولي موقف کي ورجائي ٿو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اسرائيل کي ان جي جارحيت تي جوابده قرار ڏنو وڃي. پاڪستان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو ڀائر ملڪ قطر جي قيادت ۽ عوام سان انهن جي قومي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع ۾ گڏ بيٺل رهندو.












