وزيراعظم پاران پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي سينيٽ جي ضمني چونڊ کٽڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي سينيٽ جي ضمني چونڊ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته وفاقي ڌُرين جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽرن جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي سينيٽ جي ضمني چونڊ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته وفاقي ڌُرين جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽرن جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته راڻا ثناءُ الله سينيٽ ۾ موثر قانونسازي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته سينيٽ چونڊون جمهوري عمل جو تسلسل آهي.