وزيراعظم پاران ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار ترڪيه جي قومي دفاع واري وزير ياسر گلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار ترڪيه جي قومي دفاع واري وزير ياسر گلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ياسر گلر پاڪ ترڪ گڏيل وزارتي ڪميشن جي شريڪ چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جي دوري تي آهي. ترڪ دفاع واري وزير ۽ سندس وفد جي ميمبرن جي شاندار آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رجحان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ترڪيه سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چين ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي صدر رجب طيب اردوان سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم قيادت سميت سمورين سطحن تي لاڳيتو رابطي جي ذريعي پاڪ ترڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي گڏيل ڪوششن جي ذريعي ٻطرفي واپار ۾ 5 ارب ڊالر جي گڏيل متفقه هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين تي روشني وجهندي وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جو دائرو وڌائڻ جي دعوت پڻ ڏني. ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن جي لاءِ پنهنجي مضبوط ۽ مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم پاران ترڪ دفاع واري وزير ۽ پاڪ ترڪ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ميمبرن جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو ويو.