اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن، گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مورات نورتيلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس …
پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن، گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مورات نورتيلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم قازقستان جي نائب وزيراعظم جي پاڪستان جي پهرين دوري تي آجيان ڪندي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايوف جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش آهي. وزيراعظم قازقستان سان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، رابطن (فضائي، ريل ۽ رستي ذريعي) ۽ عوام جي سطح تي رابطي جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته قازقستان جي صدر جو پاڪستان جو دورو تمام اهميت رکندڙ هوندو. وزيراعظم مختلف مفاهمتي يادداشتن ۽ غور هيٺ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ هڪ وفد آستانه موڪلڻ جي آڇ ڪئي. ٻئي ڌريون ان حوالي سان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان باقاعده ڳالهه ٻولهه ڪنديون رهيون آهن ۽ اميد آهي ته هن سال جي آخر ۾ قازقستان جي صدر جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهم مفاهمتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿينديون. قازقستان جي نائب وزيراعظم ڀرپور مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پنهنجي تفصيلي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته صدر توڪايوف جو اسلام آباد جو ايندڙ دورو انتهائي تاريخ ۽ ڪامياب ٿيندو ۽ ان سان پاڪستان ۽ قازقستان لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي.












