اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظمن قازق صدر جي پاڪستان جي ايندڙ دوري جي لاءِ طئي ٿيندڙ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي فوري طور تي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه اسلام آباد ۾ ٿي جنهن جي گڏيل صدارت پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد …
پاڪستان ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظمن پاران قازق صدر جي پاڪستان جي ايندڙ دوري جي لاءِ طئي ٿيندڙ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي فوري طور تي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت
اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظمن قازق صدر جي پاڪستان جي ايندڙ دوري جي لاءِ طئي ٿيندڙ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي فوري طور تي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه اسلام آباد ۾ ٿي جنهن جي گڏيل صدارت پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نرتيلو ڪئي. قازق نائب وزيراعظم سان گڏ قازقستان جا ٽرانسپورٽ ۽ واپار وارا وزير، آءِ ٽي ۽ زراعت جا نائب وزير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کان اڳ قازق وفد پاڪستان جي مواصلات واري وزير، ريلوي واري وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتون ڪيون. ان کانسواءِ آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل ورڪنگ گروپس جا اجلاس پڻ ٿيا. قازق وفد نيشنل ايرو اسپيس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو پڻ ڪيو ته جيئن آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون کي اڳتي وڌائي سگهجي. قازق نائب وزيراعظم پاڪستاني ڪاروباري نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، زراعت ۾ تعاون جي توسيع، آءِ ٽي، تعليم، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ حصيداري وڌائڻ ۽ لاجسٽڪس ۽ ٽرانسپورٽ جي ذريعي علائقائي رابطن کي مستحڪم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ڌرين نومبر 2025ع ۾ قازق صدر جي پاڪستان جي دوري جي تيارين کي پڻ حتمي شڪل ڏني. واضح رهي ته قازق صدر آخري ڀيرو 2003ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي وزارت پاڪستان ۽ پرڏيهي وزارت قازقستان جي وچ ۾ تعاون جي ايڪشن پلان تي صحيحون ڪيون. اهو منصوبو معيشت ۽ واپار، دفاع ۽ سلامتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت، سياحت، انساني همدرديءَ جي بنياد تي تعاون ۽ قونصلر سهولتن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ هڪ منظم روڊ ميپ فراهم ڪري ٿو. اهو قدم ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ باقاعده مشاورت کي اداراجاتي شڪل ڏي ٿو ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. ايڪشن پلان کي اختيار ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي مضبوط سياسي عزم جو مظهر آهي جنهن جي ذريعي پاڪستان ۽ قازقستان جي لاڳاپن کي گڏيل اعتماد، گڏيل قدرن ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ روشن مستقبل جي ڏس ۾ نئين بلندين تائين پهچايو ويندو. ٻنهي نائب وزيراعظمن پنهنجي ٽيمن کي هدايت ڪئي ته قازق صدر جي پاڪستان جي ايندڙ دوري دوران طئي ٿيندڙ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي فوري طور تي حتمي شڪل ڏني وڃي.












