صدر پاران ٻوڏ تباهين کانپوءِ آبادگارن جي تحفظ ۽ غذائي جنسن جي بنا رڪاوٽ دستيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٻوڏ تباهين کانپوءِ آبادگارن جي تحفظ ۽ غذائي جنسن جي بنا رڪاوٽ دستيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻوڏ تباهين کانپوءِ آبادگارن کي تحفظ …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٻوڏ تباهين کانپوءِ آبادگارن جي تحفظ ۽ غذائي جنسن جي بنا رڪاوٽ دستيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻوڏ تباهين کانپوءِ آبادگارن کي تحفظ ۽ غذائي جنسن جي بنا رڪاوٽ دستيابي يقيني بڻائي وڃي، ملڪ ۾ غذائي تحفظ جي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، جديد ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪندڙ زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو وڃي، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي زرعي پيداوار ۽ غذائي تحفظ جي لاءِ موثر قدم جاري رکڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان پڻ شريڪ هئي.