راولپنڊي – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال ۾ علاج دوران شهادت ماڻيندڙ ميجر عدنان اسلم شهيد جي جنازي نماز چڪلالا راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. هن 2 سيپٽمبر تي بنون ۾ بزدلاڻي حملي دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جو بهادري سان مقابلو ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي …
شهيد ميجر عدنان اسلم شهيد جي جنازي نماز چڪلالا راولپنڊي ۾ ادا
راولپنڊي – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال ۾ علاج دوران شهادت ماڻيندڙ ميجر عدنان اسلم شهيد جي جنازي نماز چڪلالا راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. هن 2 سيپٽمبر تي بنون ۾ بزدلاڻي حملي دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جو بهادري سان مقابلو ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، حاضر سروس فوجي ۽ سول آفيسرن ۽ شهيد جي پونئيرن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ميجر عدنان اسلم عمر 31 سال، رهندڙ راولپنڊي پنهنجي جوانن جي فرنٽ سان قيادت ڪندي بي مثال بهادري سان شهادت ماڻي. وزيراعظم سندس بهادري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اڄ اسان ڌرتيءَ جو هڪ بهادر فرزند وڃائي ڇڏيو آهي جنهن جي همٿ ۽ قرباني سدائين قوم جي دلين ۾ نقش رهندي، اهو اٽل عزم، وطن سان محبت ۽ قرباني جو پختو جذبو پاڪستان جي بهترين نمائندگي ڪري ٿو. ميجر عدنان جي شهادت ان ڳالهه جي گواهي آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ميجر عدنان اسلم شهيد کي پوري فوجي اعزاز سان اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.












