قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان بحرين شوريٰ ڪائونسل جي ميمبر جي ملاقات

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بحرين شوريٰ ڪائونسل جي ميمبر، قانونسازي ۽ قانوني معاملن واري ڪميٽيءَ جي نائب سربراهه ڊاڪٽر عادل عبدالرحمان المعوده پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- بحرين ٻه طرفن ناتن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر مهمانن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بحرين شوريٰ ڪائونسل جي ميمبر، قانونسازي ۽ قانوني معاملن واري ڪميٽيءَ جي نائب سربراهه ڊاڪٽر عادل عبدالرحمان المعوده پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- بحرين ٻه طرفن ناتن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر مهمانن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ ڀائراڻه ناتا ڏٺا وڃن ٿا، پاڪستان انهن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. اسپيڪر ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته پارلياماني سطح تي رابطن کي هٿي وٺرائڻ سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن. بحرين جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- بحرين پارلياماني فرينڊشپ گروپ پارلياماني سطح تي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسپيڪر بحرين ۾ رهندڙ پاڪستانين کي بهترين سهولتن جي فراهمي تي بحريني حڪومت جو ٿورو مڃيو. بحرين شوريٰ ڪائونسل جي ميمبر اسپيڪر جي بحرين بابت تاثرن کي ساراهيو ۽ چيو ته بحرين پاڪستان سان پنهنجي پُراڻن دوستاڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. بحرين پاڪستان سان ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جو خواهشمند آهي.