ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تعليم تي حملو، اصل ۾ انسانيت تي حملو آهي. تعليم جي تحفظ جي عالمي ڏھاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ اسڪولن تي حملن ۾ 44 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ صرف 2024ع ۾ ٻارن خلاف 41 …
2024ع ۾ ٻارن خلاف 41 هزار کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تعليم تي حملو، اصل ۾ انسانيت تي حملو آهي. تعليم جي تحفظ جي عالمي ڏھاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ اسڪولن تي حملن ۾ 44 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ صرف 2024ع ۾ ٻارن خلاف 41 هزار کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن جيڪا صورتحال عالمي برادري لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن کي محفوظ تعليمي ماحول ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ پاڪستان (سيف اسڪولس ڊڪليريشن) تي مڪمل عملدرآمد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم صرف فرد جي نه پر پوري قوم جي ترقيءَ جو بنياد آهي ۽ دنيا ۾ وڌندڙ تعليمي ادارن تي حملن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سڀني ملڪن ۽ ادارن کي گڏيل قدم کڻڻا پوندا. وڏي وزير عزم ظاهر ڪيو ته پاڪستان دنيا جي ملڪن، ادارن ۽ گڏيل قومن سان گڏ بيٺو آهي ته ٻارن کي جنگ ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار ڪرڻ بدران قلم ۽ ڪتاب ڏنو وڃي. هن چيو اچو ته سڀ گڏجي عهد ڪريون ته پنهنجي ٻارن کي محفوظ، باوقار ۽ روشن مستقبل ڏينداسين.











