ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيو ڪراچي ۾ ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي ۾ صبا سينيما جي ويجهو ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ صبح جو سوير اوچتو باهه لڳي وئي. فائر برگيڊ عملي موجب باهه جو اطلاع صبح جو 7:30 وڳي تي مليو. شروعات ۾ ٻه فائر ٽينڊر موڪليا ويا، پر باهه جي شدت وڌڻ سبب وڌيڪ …
نيو ڪراچي ۾ ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ خوفناڪ باهه، ڪروڙين روپين جي نقصان جو خدشو
ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيو ڪراچي ۾ ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي ۾ صبا سينيما جي ويجهو ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ صبح جو سوير اوچتو باهه لڳي وئي. فائر برگيڊ عملي موجب باهه جو اطلاع صبح جو 7:30 وڳي تي مليو. شروعات ۾ ٻه فائر ٽينڊر موڪليا ويا، پر باهه جي شدت وڌڻ سبب وڌيڪ گاڏيون طلب ڪرڻيون پيون. گهٽ ۾ گهٽ 11 فائر ٽينڊر باهه وسائڻ ۾ حصو ورتو. ريسڪيو عملي مُوجب باهه ڪيترين ئي فيڪٽرين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. فائر فائيٽر محسن علي اي پي پي کي ٻڌايو ته باهه سبب عمارت جو هڪ حصو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ فائر فائٽر سميت چار ماڻهو زخمي ٿي پي آهن جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريسڪيو اهلڪار ۽ پوليس وڏي تعداد ۾ واقعي واري هنڌ موجود آهن. باهه جي شدت سبب، دونھين جي ڪڪرن علائقي کي ڍڪي ڇڏيو جڏهن ته ڀر پاسي جا رهواسي خوف ۾ مبتلا رهيا. پوليس فوري طور تي آس پاس جي ٻين ڪارخانن ۾ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي. باهه جو اصل سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. شروعاتي طور تي، جاني نقصان جي ڪا به رپورٽ نه ملي آهي جڏهن ته زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. مالي نقصان جا تفصيل پڻ ظاهر نه ڪيا ويا آهي پر شروعاتي اندازن موجب نقصان ڪروڙين رپين تائين پهچي سگهي ٿو. ياد رهي ته ماضي ۾ به ناقص حفاظتي قدمن ۽ غير معياري وائرنگ جي ڪري فيڪٽرين ۾ باهه لڳڻ سبب ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيستائين ڪارخانن ۾ جديد باهه وسائڻ جو سامان، ايمرجنسي ايگزٽ ۽ حفاظتي تربيت کي لازمي قرار نٿو ڏنو وڃي اهڙن حادثن کي روڪي نه ٿو سگهجي.











