ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪراچي جي انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران شهر ۾ نئين برساتي اسپيل جو امڪان آهي. چيف سيڪريٽري ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا ۽ بلدياتي ادارا فوري طور تي ميدان ۾ نڪرن ۽ عوامي سهولتن …
ڪراچي ۾ برسات جي نئين اسپيل جو خدشو، وڏي وزير جي هدايتن تي چيف سيڪريٽري ڪراچي جي انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو
ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪراچي جي انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران شهر ۾ نئين برساتي اسپيل جو امڪان آهي. چيف سيڪريٽري ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا ۽ بلدياتي ادارا فوري طور تي ميدان ۾ نڪرن ۽ عوامي سهولتن لاءِ قدم کڻن. ڪمشنر ڪراچي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ بلدياتي عملي کي هدايت ڪئي ته برساتي اسپيل لاءِ مڪمل تياري رکن. ڪمشنر وڌيڪ چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ميونسپل ڪمشنر فوري طور ندين نالن ۽ نيڪال جي صورتحال جو جائزو وٺن ۽ عوامي سهولتن کي نظر ۾ رکندي ضروري مشينري مهيا ڪن. هن ٽريفڪ پوليس کي به هدايت ڪئي ته برسات دوران ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اي طرفان فراهم ڪيل مشينون به نيڪال لاءِ تيار رکيون وڃن. جڏهن ته ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ملير ندي ۾ افسوسناڪ واقعي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، واقعو تعلقه ابراهيم حيدري جي ڳوٺ يار محمد ۾ پيش آيو جتي ٻه ماڻهو ندي پار ڪري رهيا هئا، پاڻي جي وهڪري ۾ اضافي سبب حادثو پيش آيو. ڊپٽي ڪميشنر ملير بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 27 سالن جو عرفان احمد ترين ٻڏي ويو جڏهن ته علي گل مٺياڻي محفوظ نڪري آيو. ريسڪيو 1122 جون ٽيمون لاش جي تلاش ۾ مصروف آهن جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ملير پاڻ ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ملير ندي جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن کي صورتحال کان فوري طور آگاهه ڪيو وڃي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.











