تعليم تي حملو اصل ۾ انسانيت ۽ مستقبل تي حملو آهي: سنڌ جي گورنر جو پيغام

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري تعليم کي حملي کان بچائڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته تعليم تي حملو اصل ۾ انسانيت ۽ مستقبل تي حملو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب هن چيو ته 9 سيپٽمبر اسان کي ياد ڏياري ٿو ته علم جو ڏيئو هر حال ۾ روشن رکڻو آهي. اسڪولن، استادن ۽ شاگردن …

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري تعليم کي حملي کان بچائڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته تعليم تي حملو اصل ۾ انسانيت ۽ مستقبل تي حملو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب هن چيو ته 9 سيپٽمبر اسان کي ياد ڏياري ٿو ته علم جو ڏيئو هر حال ۾ روشن رکڻو آهي. اسڪولن، استادن ۽ شاگردن جو تحفظ سڄي دنيا جي گڏيل ذميداري آهي. تعليم کي جنگ ،انتهاپسندي ۽ تشدد جي پاڇي کان محفوظ رکڻ لازمي آهي. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته ترقي، امن ۽ خوشحالي جي منزل تائين پهچڻ جو واحد رستو محفوظ ۽ معياري تعليم مان ٿيندي گذرندو آهي.