پاڪستان ۽ قازقستان پاران اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ سندس قازقستان جي هم منصب مرات نورتيلو جي وفدن جي سطح تي ڳالهين کان اڳ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ آهي. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کان اڳ ڳالهائيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سندس قازقستان جي هم منصب مرات نورتيلو متفقه طور تي واپار، معيشت ۽ ٻين …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ آهي. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کان اڳ ڳالهائيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سندس قازقستان جي هم منصب مرات نورتيلو متفقه طور تي واپار، معيشت ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بلندي تائين وٺي وڃڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۽ ان کان ٻاهر خاص طور تي وچ ايشيائي رياستن ۾ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جو حامي آهي. قازقستان سان مضبوط حصيداري جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. هن چيو ته هو هن سال نومبر ۾ قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهن ۽ سندن وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو هڪ اهم مقصد دوري جي تفصيلي پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ آهي. قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورتيلو ان موقعي تي چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان جي حصيداري ۽ قابل اعتماد دوستي تمام گهري ۽ مضبوط پاڙون رکي ٿي. اسلام آباد ۾ حڪومتي عهديدارن ۽ واپارين سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قازقستان جي نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته قازقستان جي صدر جو دورو هڪ نئون سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيندو.