اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورتيلو جي گڏيل صدارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ تعاون جو مڪمل جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم، ثقافت، سياحت، …
پاڪستان ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزيرن جي گڏيل صدارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورتيلو جي گڏيل صدارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ تعاون جو مڪمل جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم، ثقافت، سياحت، سيڪيورٽي ۽ لاجسٽڪ ڪنيڪٽيوٽي کي فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڳالهه ٻولهه ۾ هن سال نومبر ۾ قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جي لاءِ روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏني وئي. ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻنهي نائب وزيراعظمن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۽ قازقستان جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ تعاون جي ايڪشن پلان تي پڻ صحيحون ڪيون.












