حڪومت فوري طور تي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري ۽ متاثرين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مالي امداد فراهم ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

ملتان – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت فوري طور تي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري ۽ متاثرين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ذريعي مالي امداد فراهم ڪري. ملتان جي گيلاني ڊمره ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ کان متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ عوام کي اڪيلو …

ملتان – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت فوري طور تي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري ۽ متاثرين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ذريعي مالي امداد فراهم ڪري. ملتان جي گيلاني ڊمره ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ کان متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي ڇو ته سڀ کان اهم ترجيح انساني جانين جو تحفظ، متاثر ماڻهن کي فوري ريليف ۽ انهن جي ڊگهي مدي واري بحالي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ريسڪيو آپريشنز بنا رڪاوٽ جاري رهڻ گهرجن، راشن ۽ پناهگاهن جي فراهمي ۾ ڪا دير نه ٿيڻ گهرجي جڏهن ته بي گهر خاندانن جي بحالي سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته هن آفت جي ڪري سڀ کان وڌيڪ آبادگار متاثر ٿيا آهن ۽ انهن جي لاءِ فوري قدم لازمي آهن. سندس چوڻ هو ته زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي ۽ جيڪڏهن فوري مدد فراهم نه ڪئي وئي ته آبادگار پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهندا، ان لاءِ حڪومت کي گهرجي ته آبادگارن جا بجلي جا بل ۽ قرض معاف ڪري ته جيئن انهن جو بار گهٽ ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي درخواست ڪئي آهي ته ريليف شفاف انداز ۾ بي آءِ ايس پي جي ذريعي ورهايو وڃي ڇو ته ڪوويڊ جي دوران به ان اداري جي ذريعي ڪامياب تجربو رهيو آهي. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ شروع ڪيل هائوسنگ اسڪيمن کي پنجاب ۾ به شروع ڪيو وڃي ته جيئن متاثر خاندانن جي بحالي يقيني بڻائي سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن سميت عالمي برادري کي فوري تعاون جي اپيل پڻ ڪئي ۽ چيو ته سياسي پارٽين کي اختلاف وساري عوام جي خدمت جي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. دوري دوران پيپلزپارٽي جي چيئرمين ڪئمپ ۾ ٻارن سان گڏ وقت گذاريو ۽ متاثرين کي يقين ڏياريو ته پيپلزپارٽي جا نمائندا سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندا. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، قومي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر گيلاني، علي قاسم گيلاني، پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جو سينيئر نائب صدر خواجه رضوان عالم، ملڪ منظور ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.