1965ع جي جنگ ۾ پاڪستان جي سامونڊي فوج جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي جي نئين تاريخ رقم ڪئي: گورنر ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سامونڊي فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪستان جي سامونڊي فوج جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي جي نئين تاريخ رقم ڪئي، هن چيو ته اڄ پاڪستان جي سامونڊي فوج جديد ، باصلاحيت ۽ گهڻ طرفي فورس طور سامونڊي سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي فوج آبدوزن، …

ڪراچي-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سامونڊي فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪستان جي سامونڊي فوج جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي جي نئين تاريخ رقم ڪئي، هن چيو ته اڄ پاڪستان جي سامونڊي فوج جديد ، باصلاحيت ۽ گهڻ طرفي فورس طور سامونڊي سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي فوج آبدوزن، جنگي جهازن، ميرين آپريشنز ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي. هن چيو ته واپار وارن رستن جي تحفظ ۽ عالمي امن مشنز ۾ پاڪستان جي سامونڊي فوج جو ڪردار نمايان آهي. قوم پنهنجي شهيدن ۽ غازين جي قربانين تي فخر ڪري ٿي.