صدر سان آسٽريليا جي لاءِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت جي ملاقات

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آسٽريليا جي لاءِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري عرفان شوڪت کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته آسٽريليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏني وڃي. هن چيو ته بزنس ٽو بزنس رابطن کي فروغ …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آسٽريليا جي لاءِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري عرفان شوڪت کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته آسٽريليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏني وڃي. هن چيو ته بزنس ٽو بزنس رابطن کي فروغ ۽ پاڪستاني روانگي واپار کي وڌايو وڃي. ملاقات دوران صدر آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ توانائي ۾ حصيداري ڳولڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته پاڪستاني ڪميونٽي ۽ شاگردن کي بهترين قونصلر سهولتون ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. هن آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عوامي ۽ تعليمي سطح جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري عرفان شوڪت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.