اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) سيپٽمبر 1965ع واري جنگ جي اٺين ڏينهن ڀارتي فضائيه سخت مايوسي جي عالم ۾ پاڪستان جي غير فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا. تفصيلن مطابق ان وقت وزيرآباد، چنيوٽ ۽ سرگوڌا جي شهري آبادي سان گڏوگڏ سيالڪوٽ جي اسپتال ۽ ضلعي عدالتون به ڀارتي فضائيه جي نشاني تي هيون. پاڪ فوج وقت سر اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوجين کي لاهور ۽ سيالڪوٽ جي …
سيپٽمبر جي جنگ جي اٺين ڏينهن پاڪ فوج لاهور ۽ سيالڪوٽ مان ڀارت کي ڊوڙائي ڪڍيو
اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) سيپٽمبر 1965ع واري جنگ جي اٺين ڏينهن ڀارتي فضائيه سخت مايوسي جي عالم ۾ پاڪستان جي غير فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا. تفصيلن مطابق ان وقت وزيرآباد، چنيوٽ ۽ سرگوڌا جي شهري آبادي سان گڏوگڏ سيالڪوٽ جي اسپتال ۽ ضلعي عدالتون به ڀارتي فضائيه جي نشاني تي هيون. پاڪ فوج وقت سر اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوجين کي لاهور ۽ سيالڪوٽ جي علائقن مان ڊوڙائي ڪڍيو ۽ سيالڪوٽ جي علائقي ۾ 21 ڀارتي ٽينڪن کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو. پاڪستاني فوجين طرفان ڀارتي فوجي سازو سامان قبضي ۾ وٺڻ کان علاوه وڏي تعداد ۾ پاڪستاني عوام پنهنجي فوج جي همٿ افزائي لاءِ گهرن مان نڪري آيو. ڀارتي فوج کي پاڪ فوج هٿان وڏي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو جڏهن ته سرينگر ۽ ڪارگل وچ ۾ 3 ميل ڊگهو رستو تباهه ڪيو ويو. پاڪستان نيوي ڪمال جي مهارت جو مظاهرو ڪندي 12 ڪلاڪن جي آپريشن کان پوءِ دوارڪا وارو مضبوط سامونڊي اڏو ۽ ريڊار اسٽيشن کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو. پاڪ فضائيه لڌيانه ويجهو هلواڙه واري هنڌ تي ڀارتي فضائيه جي اڏن تي زبردست حملا ڪيا ۽ 36 ڪلاڪن ۾ ڀارتي فضائيه جا 70 کان وڌيڪ جهاز تباهه ڪري ڇڏيا.












