اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته پارليامينٽ جا دروازا سمورن يونيورسٽين جي تحقيق ڪندڙن ۽ شاگردن لاءِ کليل آهن، تعليمي ادارن ۽ پارليامينٽ چ ۾ ويجها رابطا ٻنهي ادارن لاءِ فائديمند هوندا، هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ يونيورسٽين وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ قانونسازي عمل ۾ آندي ويندي. انهن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ تي تدريس، تحقيق ۽ تحرير بابت …
پارليامينٽ جا دروازا سمورين يونيورسٽين جي تحقيق ڪندڙن ۽ شاگردن لاءِ کليل آهن: سردار اياز صادق
اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته پارليامينٽ جا دروازا سمورن يونيورسٽين جي تحقيق ڪندڙن ۽ شاگردن لاءِ کليل آهن، تعليمي ادارن ۽ پارليامينٽ چ ۾ ويجها رابطا ٻنهي ادارن لاءِ فائديمند هوندا، هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ يونيورسٽين وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ قانونسازي عمل ۾ آندي ويندي. انهن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ تي تدريس، تحقيق ۽ تحرير بابت قومي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 2015ع ۾ پهريون ڀيرو اها ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، 2015ع ۾ ان ڪانفرنس ۾ 25 يونيورسٽين پارليامينٽيري اسٽڊيز کي پنهنجي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، قومي ڪانفرنس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلرز، ريڪٽرز، ڪاليجن جي پرنسپلز ۽ فيڪلٽي ميمبرن ڀرپور شرڪت ڪئي. سردار اياز صادق چيو ته پارليامينٽ ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ مضبوط رابطا قومي ترقي جي ضمانت آهن، قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻجڻ کان پوءِ آئين ۽ قاعدن جو گهرائي سان مطالعو ڪيو، رڳو ٻه يا ٽي ڀيرا آئين ۽ قاعدا پڙهڻ سان پارلياماني معاملن ۾ مهارت حاصل نٿي ڪري سگهجي. آئين ۽ قانون جي تفهيم لاءِ عملي مشاهدو ۽ تجربو ضروري آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته 2015ع ۾ قومي اسيمبلي انٽرنشپ پروگرام جي شروعات ڪئي ته جيئن شاگردن کي قانون سازي ۽ پارلياماني طريقيڪار کان واقفيت ڪرائي سگهجي. سڄي ملڪ سان تعلق رکندڙ شاگرد ان انٽرنشپ پروگرام جي ڀرپور تعريف ڪئي. ان پروگرام ۾ پٺتي پيل علائقن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن کي ترجيح ڏني وئي، ان حوالي سان پهرين بئچ جي شاگردن جو چوڻ هو ته کين اسيمبلي جي ڪم جي وسعت جو اندازو نه هو. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پارليامينٽ جي مثبت قدمن کي قومي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ دنيا جي پهرين گرين پارليامينٽ هئڻ جو اعازاز رکي ٿي، 2015ع ۾ پارليامينٽ جي عمارت کي مڪمل طور شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته پارليامينٽ جا دروازا سمورين يونيورسٽين جي تحقيق ڪندڙن ۽ شاگردن لاءِ کليل آهن، تعليمي ادارن ۽ پارليامينٽ وچ ۾ ويجها رابطا ٻنهي ادارن لاءِ فائديمند هوندا. هن چيو ته پارليامينٽ يونيورسٽين سانگ ڏجي مختلف موضوعن تي سيمينارز منعقد ڪندي، اسپيڪر چيو ته جينڊر مين اسٽريمنگ ڪميٽي ۽ ٻيا پارلياماني ڪاڪز فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڪانفرنس ۾ چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا اسپيڪرز شريڪ ٿيا. ڪي پي ڪي جي پهرين صوبائي اسيمبلي آهي جنهن قومي اسيمبلي جي طرز تي پارلياماني ڪاڪسز ۽ فورمز قائم ڪيا. هن چيو ته 2013ع ۾ قومي اسيمبلي ۾ پروموشن لاءِ تربيتي ڪورسذ جي شروعات ڪئي، پروموشن جو عمل شفاف بڻائڻ لاءِ ملازمن جي سينيارٽي ۽ ترقي جا تفصيل ويب سائيٽ تي شايع ڪيا ويا. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا اختيار محدود ڪري ڀرتي ۽ ترقي جي عمل کي وڌيڪ شفاف بڻايوو يو، وائيس چانسلرز جي ڀپرور شرڪت تي سندن ٿورائتو آهيان. اسپيڪر چيو ته وڌيڪ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز کي هن پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ايندڙ ڪانفرنس ۾ چئني صوبائي اسيمبلين، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلين جي اسپيڪرن کي به دعوت ڏني ويندي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي چيئرمين کي ايندڙ اجلاسن ۾ طلب ڪيو ويندو. هن چيو ته شاگردن کي آئين ۽ پارلياماني طريقيڪار کان واقف ڪرائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪيون ويون آهن. هن يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ يونيورسٽين وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي.












