اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي آرٽيفيشل انٽيليجنس پاليسي تحت 2027ع تائين ملڪ جي تعليمي ادارن ۽ سمورن سرڪاري ملازمن کي مصنوعي ذهانت جي تربيت فراهم ڪئي ويندي. آءِ ٽي وزارت جي ذريعن مطابق قومي اي آءِ پاليسي تي عملدرآمد لاءِ اي آءِ اسٽريٽجڪ ڪائونسل ۽ پاليسي تي عملدرآمد جي شعبي جي جوڙجڪ عمل ۾ آندي پئي وڃي، اهم شهرن ۾ ايڪسيلينس مرڪز قائم ڪيا ويندا. ان پاليسي تحت ملڪ ۾ هڪ …
قومي آرٽيفيشل انٽيليجنس پاليسي تحت 2027ع تائين ملڪ جي تعليمي ادارن ۽ سرڪاري ملازمن کي مصنوعي ذهانت جي تربيت فراهم ڪئي ويندي: آءِ ٽي وزارت
اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي آرٽيفيشل انٽيليجنس پاليسي تحت 2027ع تائين ملڪ جي تعليمي ادارن ۽ سمورن سرڪاري ملازمن کي مصنوعي ذهانت جي تربيت فراهم ڪئي ويندي. آءِ ٽي وزارت جي ذريعن مطابق قومي اي آءِ پاليسي تي عملدرآمد لاءِ اي آءِ اسٽريٽجڪ ڪائونسل ۽ پاليسي تي عملدرآمد جي شعبي جي جوڙجڪ عمل ۾ آندي پئي وڃي، اهم شهرن ۾ ايڪسيلينس مرڪز قائم ڪيا ويندا. ان پاليسي تحت ملڪ ۾ هڪ اي آءِ فنڊ قائم ڪيو ويندو، ان تي مشاورت جو عمل جاري آهي، پاليسي ۾ معاشري جي پٺ تي پيل علائقن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان پاليسي تحت 2030ع تائين 10 لک ماڻهن کي اي آءِ جي تربيت ڏني ويندي، 2027ع تائين 10 هزار ٽرينر تيار ڪيا ويندا ۽ ساليانو 20 هزار کي انٽرنشپ ڏني ويندي.












