اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ميجر جنرل حمد محمد عبدالله الرميثي کي ايوان صدر ۾ منعقد هڪ پروقار تقريب ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. کيس اهو اعزاز پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اعتراف ۾ عطا ڪيو ويو آهي. خصوصي تقريب ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه …
صدر پاران گڏيل عرب امارات جي سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ميجر جنرل حمد محمد عبدالله الرميثي کي نشان امتياز (ملٽري) عطا
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ميجر جنرل حمد محمد عبدالله الرميثي کي ايوان صدر ۾ منعقد هڪ پروقار تقريب ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. کيس اهو اعزاز پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اعتراف ۾ عطا ڪيو ويو آهي. خصوصي تقريب ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، سفارتڪارن ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوجن جي سينيئر آفيسرن کانسواءِ ٻين اعليٰ عسڪري ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. کيس اهو اعزاز پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ سامونڊي تعاون وڌائڻ ۾ غيرمعمولي ڪوششن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو. گڏيل عرب امارات جي سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ميجر جنرل حمد عبدالله پاڪستان نيوي اڪيڊمي مان فارغ التحصيل آهي. يو اي اي جي سامونڊي فوج جو ڪمانڊر پاڪستان جو تمام ويجهو دوست آهي ۽ هن ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ پيشيواراڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر سندس ڪاميابين جي اعتراف ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ پيشيواراڻي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي کيس نشان امتياز سان نوازيو آهي. اهو ايوارڊ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون خاص طور تي سامونڊي شعبي ۾ پراڻي ۽ مضبوط فوجي لاڳاپن جو عڪاس آهي.












