تعليم ذريعي عورتن ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تعليم ذريعي عورتن ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪا به قوم ايستائين پنهنجي اصل صلاحيت حاصل نٿي ڪري سگهي جيستائين ان جي اڌ آبادي ترقي جي عمل ۾ شامل نه هُجي. پاڪستان حڪومت خواندگي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ مضبوط عوامي پاليسين، معياري تعليم ۾ سيڙپڪاري، …

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تعليم ذريعي عورتن ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪا به قوم ايستائين پنهنجي اصل صلاحيت حاصل نٿي ڪري سگهي جيستائين ان جي اڌ آبادي ترقي جي عمل ۾ شامل نه هُجي. پاڪستان حڪومت خواندگي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ مضبوط عوامي پاليسين، معياري تعليم ۾ سيڙپڪاري، ڊجيٽلائيزيشن ۾ جدت ۽ عوام جي شموليت ذريعي هن مقصد ڏانهن گامزن آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مُوجب صدر انهن خيالن جو اظهار خواندگي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته خواندگي جي عالمي ڏينهن تي آئُون سڀني پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿو ته هن عظيم مقصد لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائين ۽ هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهين جتي خواندگي عام هجي، تعليم جامع هجي ۽ علم هر ڪنهن جي پهچ ۾ هجي. صدر چيو ته آئُون پاڪستان جي عوام ۽ دنيا جي انهن سڀني ماڻهن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جيڪي هڪ اهڙو عالمي مُعاشرو قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن جتي علم ۽ سکيا جا موقعا سڀني لاءِ موجود هجن. صدر چيو ته خواندگي صرف پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت جو نالو ناهي، پر اهو انساني ذهن جي واڌ ويجهه، عزت ۽ نفس جو معاملو ۽ بنيادي انساني حق پڻ آهي. اها ماڻهُوءَ کي اعتماد ڏئي ٿي، کين معاشري ۾ آواز ڏئي ٿي ۽ انهن لاءِ موقعن جا دروازا کولي ٿي جيڪي ٻي صورت ۾ انهن جي پهچ کان ٻاهر هوندا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته خواندگي ذاتي ترقي ۽ سماجي ارتقا جو بنياد پڻ آهي جيڪا شهرين کي معيشت، ثقافت ۽ جمهوريت ۾ مڪمل طور تي حصو وٺڻ جي قابل بڻائي ٿي. هن چيو ته خواندگي پاڪستان لاءِ قومي تعمير جو بنياد آهي، اها غربت ۾ گهٽتائي، جدت جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. صدر چيو ته هڪ تعليم يافته قوم ئي مضبوط قوم هُوندي آهي جيڪا ڏاهپ، سگهه ۽ تخليقي صلاحيتن سان پنهنجي مسئلن کي منهن ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان کي عورتن ۽ ڇوڪرين کي تعليم ذريعي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. هڪ تعليم يافته عورت نه رڳو پاڻ کي سُڌاري ٿي پر پنهنجي خاندان ۽ سماج جي ڀلائي جو ذريعو پڻ بڻجي ٿي. هوءَ تبديلي ۽ ترقي جي علمبردار بڻجي ٿي. عورتن جي تعليم ۾ سيڙپڪاري صحتمند خاندانن، مضبوط معيشت ۽ انصاف پسند مُعاشري جي ضمانت آهي. صدر چيو ته ڪا به قوم پنهنجي حقيقي صلاحيت ايستائين حاصل نٿي ڪري سگهي جيستائين سندس اڌ آبادي ترقي جي عمل ۾ شامل نه هُجي. پاڪستان حڪومت خواندگي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ مضبوط عوامي پاليسين، معياري تعليم ۾ سيڙپڪاري، ڊجيٽلائيزيشن ۾ جدت ۽ عوام جي شموليت ذريعي هن مقصد طرف گامزن آهي. هن چيو ته پاڪستان رسمي ۽ غير رسمي تعليم کي مضبوط بڻائي اهو يقيني بڻائي رهيو آهي ته جيئن هر ٻار، نوجوان ۽ بالغ چاهي اهو ڪهڙي به عمر، جنس يا سماجي، اقتصادي پس منظر سان تعلق رکندو هُجي، سکڻ جا موقعا حاصل ڪري سگهي. صدر چيو ته قومي فرض گڏيل عزم جو گهرجائُو آهي، خاندانن، برادرين، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ خانگي شعبي سميت اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان کي سکڻ جي ثقافت کي فروغ ڏيڻو پوندو ۽ تعليم کي پوري قوم جو گڏيل اثاثو بڻائڻو پوندو. هن چيو ته آئُون اڄ خواندگي جي عالمي ڏينهن تي سڀني پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿو ته هن عظيم مقصد لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائين ۽ هڪ اهڙو پاڪستان جوڙين جتي خواندگي عام هجي، تعليم جامع هجي ۽ علم هر ڪنهن جي پهچ ۾ هجي. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان گڏجي هڪ اهڙو سماج جوڙيون جيڪو انساني وقار جي پاسداري ڪري، عورتن کي بااختيار بڻائي ۽ اسان جي شهرين جي  مُڪمل صلاحيتن کي امن، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ استعمال ڪري. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي هن مشن ۾ ڪاميابي عطا ڪري ۽ پاڪستان کي هڪ روشن ، تعليم يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائي.