اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪ بحريه پنهنجي روشن تاريخ موجب وڏي ڪاميابي سان پنهنجي تياري ۽ عزم جو عملي ثبوت ڏنو. ڪامياب دفاع اهو واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان پنهنجي آبي سرحدن جي حفاظت ۽ سالميت جو هر قيمت تي تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿو، يوم بحريه ۾ پاڪ بحريه سان لاڳاپيل سمورن جوانن، آفيسرن ۽ اهلڪارن کي …
پاڪ بحريه جي تاريخ بهادري جي داستانن سان ڀريل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪ بحريه پنهنجي روشن تاريخ موجب وڏي ڪاميابي سان پنهنجي تياري ۽ عزم جو عملي ثبوت ڏنو. ڪامياب دفاع اهو واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان پنهنجي آبي سرحدن جي حفاظت ۽ سالميت جو هر قيمت تي تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿو، يوم بحريه ۾ پاڪ بحريه سان لاڳاپيل سمورن جوانن، آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن جي عزم ۽ حوصلي ۽ پيشيوراڻي فرضن جي ادائيگي هميشه قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف يوم بحريه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪ بحريه جي شاندار تاريخ ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي آبي سرحدن ۽ آبي مفادن جي تحفظ جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جي تاريخ بهادري جي داستانن سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ 1965ع جي جنگ ۾ آپريشن سومناٿ هڪ يادگار حيثيت رکي ٿو، وزيراعظم چيو ته ان آپريشن ۾ پاڪ بحريه ڀارتي سامونڊي شهر دوارڪا تي فيصلائتو حملو ڪندي مواصلاتي نظام کي تباهه ڪيو هو. هي آپريشن پاڪ بحريه جي نه رڳو بهادري ۽ عملي صلاحيتن جو مظاهرو هو پر ان ملڪي آبي سالميت ۽ خودمختياري جي پختي تحفظ جي عزم جو به بنياد رکيو. وزيراعظم چيو ته ان تاريخي ويڙهه جي فتح اڄ به بحري فوج جي جوانن جي ملڪ جي دفاع جي جذبي کي تازو ڪري ٿي ۽ ياد ڏياري ٿي ته پاڪستان جي آبي سرحدن جي حفاظت پاڪ بحريه جي چوڪس نگراني ۾ آهي. 1965ع جي جنگ کانپوءِ به عربي سمنڊ ۾ طاقت جو توازن قائم رکڻ ۾ پاڪ بحريه جو اهم ڪردار ان جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ حڪمت عملي جو واضح ثبوت آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تازي حق جي ويڙهه ۾ پاڪ بحريه پنهنجي روشن تاريخ موجب وڏي ڪاميابي سان پنهنجي تياري ۽ عزم جو عملي ثبوت ڏنو.هن چيو ته پاڪ بحريه جنگي محاذ کانسواءِ پاڪستان جي آبي شعبي جي مضبوطي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آبي معيشت، بندرگاهن جي تعمير ۽ ترقي ۽ آبي ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ معاشي رخن ۾ پاڪ بحريه پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فخر سان چئي سگهان ٿو ته پاڪ بحريه ملڪ جي محافظ ۽ اسان جي شاندار مستقبل جي معمار آهي. آبي گذرگاهن ۾ مواصلات جي ذريعن جي تحفظ، آفتن ۾ انساني امداد ۽ عالمي گڏيل مشقن ۾ بحريه جي ڪردار دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته آبي شعبي جي فائدن کي اجاگر ڪرڻ ۽ شعباجاتي قدمن سان پاڪ بحريه ترقي ۽ خوشحالي جي نئين راهن کي متعارف ڪرايو آهي. يوم بحريه تي اسان پاڪ بحريه جي ماضي ۽ موجوده هيروز کي سلام پيش ڪريون ٿا. الله تعاليٰ پاڪ بحريه، هٿياربند فوج ۽ اسان جي ملڪ کي ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابي سان همڪنار ڪري. آمين!، پاڪ بحريه زنده باد!، پاڪستان پائينده باد !












