لاهور-07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ خصوصي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ تنظيمي معاملن تي خيالن …
وزيراعظم پاران پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ خصوصي نگراني جي هدايت
لاهور-07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ خصوصي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ توانائي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير ، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي توانائي جي شعبي ۾ جاري منصوبن ۽ سڌارن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ خصوصي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ پارٽي معاملن ۽ آئنده جي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي وئي.












