ٽوبه ٽيڪ سنگهه-07 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ گذريل ڏينهن سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي والده جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان ملاقات ڪئي ۽ سندس والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ پاران وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي والده جي جنازي نماز ۾ شرڪت
ٽوبه ٽيڪ سنگهه-07 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ گذريل ڏينهن سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي والده جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان ملاقات ڪئي ۽ سندس والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مرحومه جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ماءُ جي جدائي اهڙو خال آهي جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي. ماءُ جي محبت ۽ شفقت زندگي جي سڀ کان وڏي نعمت آهي، جنهن جو ڪو به نعم البدل ناهي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ وارثن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي صبر ڏي.












