اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي موبائل سمز جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ بابت نشر ٿيل خبر جو فوري نوٽيس ورتو آهي. گذريل ڏينهن جاري بيان موجب نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي گهرو وزير محسن نقوي جي هدايت تي خصوصي انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. انويسٽيگيشن ٽيم ڊيٽا ليڪيج جي معاملي جو هر رخ کان جاچ ڪندي. ڊيٽا ليڪيج ۾ ملوث عنصرن جو تعين …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران موبائل سمز جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ بابت نشر ٿيل خبر جو فوري نوٽيس
اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي موبائل سمز جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ بابت نشر ٿيل خبر جو فوري نوٽيس ورتو آهي. گذريل ڏينهن جاري بيان موجب نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي گهرو وزير محسن نقوي جي هدايت تي خصوصي انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. انويسٽيگيشن ٽيم ڊيٽا ليڪيج جي معاملي جو هر رخ کان جاچ ڪندي. ڊيٽا ليڪيج ۾ ملوث عنصرن جو تعين ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. جاچ ٽيم 14 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.












