صدر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (نئين سر جوڙجڪ) جي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (نئين سر جوڙجڪ) جي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي 12 آگسٽ 2025ع تي پنج خانگي ميمبرن جي بلن سان گڏ بل جي منظوري ڏني هئي. بل جي وسيلي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي ڍانچي ۽ گورننس کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو …

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (نئين سر جوڙجڪ) جي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي 12 آگسٽ 2025ع تي پنج خانگي ميمبرن جي بلن سان گڏ بل جي منظوري ڏني هئي. بل جي وسيلي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي ڍانچي ۽ گورننس کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو. ترميم جو مقصد اداري کي ٻيهر منظم ڪرڻ ۽ بهتر ڪارڪردگي کي يقيني بڻائڻ آهي. بل جي منظوري صحت جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ادارتي بهتري جي طرف هڪ اهم قدم آهي.