پاڪ فضائيه پيشيوراڻي مهارت ۾ دنيا جي ڪنهن به فضائيه کان گهٽ ناهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته پاڪ فضائيه ان ڏهاڪن ۾ بي پناهه پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ طاقت جا بي پناهه جوهر ڏيکاريندي فضائي جنگين ۾ پنهنجي ڌاڪ ويهاري ڇڏي، ويجهڙ ۾ پاڪ فضائيه هٿياربند فوج سان گڏجي آپريشن حق جي ويڙهه بنيان مرصوص ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندي جهڙي طرح دشمن کي ناڪام بڻايو ان پوري دنيا …

اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته پاڪ فضائيه ان ڏهاڪن ۾ بي پناهه پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ طاقت جا بي پناهه جوهر ڏيکاريندي فضائي جنگين ۾ پنهنجي ڌاڪ ويهاري ڇڏي، ويجهڙ ۾ پاڪ فضائيه هٿياربند فوج سان گڏجي آپريشن حق جي ويڙهه بنيان مرصوص ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندي جهڙي طرح دشمن کي ناڪام بڻايو ان پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، پاڪ فضائيه پيشيوراڻي مهارت ۾ دنيا جي ڪنهن به فضائيه کان گهٽ ناهي، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان ايئر فورس جي اهلڪارن جي بهادري ۽ قربانين جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو، خاص طور تي انهن ماڻهن جن 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران پاڪستان جو دفاع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 سيپٽمبر يوم فضائيه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن تاريخي ڏينهن تي مان پاڪ فضائيه جي سمورن بهادر پٽن ۽ انهن جي بي مثال ڪارڪردگي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، اڄوڪي ڏينهن پاڪ فضائيه جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيو آهيان جن جون جنگي قربانيون تاريخ ۾ روشن آهن، بيشڪ پاڪ فضائيه جي بانين پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب پاڪ فضائيه جي اعليٰ درجي ۽ پهرين صف جي اداري طور بنياد رکيو، جيڪو سمورن پيشيوراڻي رخن تي معياري ڪم جاري رکيو پيو وڃي ۽ پيشيوراڻي مهارت ۾ دنيا جي ڪنهن به فضائيه کان گهٽ ناهي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان ايئر فورس جي اهلڪارن جي بهادري ۽ قربانين جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، خاص طور تي انهن ماڻهن جن 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران پاڪستان جو دفاع ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ايندڙ نسلن لاءِ لگن ۽ بهادري جي علامت طور نه پر کين قوم جي حفاظت جي عزم جي ياد ڏياري ٿو. اسان کي فخر آهي ته پاڪ فضائيه ان ڏهاڪن ۾ پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ طاقت جو بي پناهه مظاهرو ڪندي فضائي جنگين ۾ پنهنجي ڌاڪ ويهاري. ويجهڙ ۾ پاڪ فضائيه هٿياربند فوج سان گڏجي حق جي ويڙهه بنيان مرصوص ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندي جهڙي طرح دشمن کي شڪست ڏني ان پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. بيشڪ پاڪ فضائيه جي هي معياري ڪارڪردگي، بي باڪ قيادت، جنگجو پٽن جي هنرمندي، اعليٰ حڪمت عملي ۽ گهڻ رخي جنگي صلاحيتن تي موثر عملدرآمد جو مظهر هو. هاڻوڪن سالن دوران پاڪ فضائيه جي اڻمٽ گهڻ رخي جنگي صلاحيتن پاڪ فضائيه جي جدت جو واضح ثبوت ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون کي ان ڳالهه تي خاص ڪري فخر آهي ته پاڪ فضائيه پنهنجي شاندار تاريخي روايت کي برقرار رکندي پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني. پاڪ فضائيه جا اسان جي هيروز پنهنجي بهادري سان ثابت ڪيو ته دشمن ڪيترو ئي مضبوط ۽ هٿيارن سان ليس ڇو نه هجي پر هو ڪڏهن به جذبي ۽ همٿ کي شڪست نٿا ڏئي سگهن. اڄ جي پاڪ فضائيه انهن بهادر پٽن کي هڪ جيئرو جاڳندو خراج تحسين آهي جن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي فضائيه جي تاريخ لکي، مون کي يقين آهي ته هميشه وانگر پاڪ فضائيه هر موقعي ۽ معيار تي پورو لهندي پنهنجي ملڪ جي خودمختياري، زميني حدن ۽ علائقائي سالميت جو هميشه ڀرپور تحفظ ڪندي رهندي.