وزيراعظم پاران جلال پور پير والا ۾ ريسڪيو ٻيڙي ٻُڏڻ جي حادثي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جلال پور پير والا ۾ ريسڪيو ٻيڙي ٻُڏڻ جي حادثي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت صوبائي حڪومتن سان رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ جامع ۽ موثر بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جلال پور پير …

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جلال پور پير والا ۾ ريسڪيو ٻيڙي ٻُڏڻ جي حادثي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت صوبائي حڪومتن سان رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ جامع ۽ موثر بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جلال پور پير والا ۾ رسيڪيو ٻيڙي ٻڏڻ جي حادثي ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پنجن ماڻهن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيلن جي بلند درجن ۽ خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻايو وڃي ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي بروقت ۽ جامع مدد کي يقيني بڻايو وڃي. بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين بابت صوبائي حڪومتن سان رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ جامع ۽ موثر بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن جي ور چڙهيل آهي. ماحولياتي طور تي نقصانڪار گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ برابر آهي، جڏهن ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچاءُ لاءِ صوبن جي تعاون موثر حڪمت عملي ۽ خطري ۾ ورتل علائقن ۾ جامع منصوبابندي جوڙي رهيا آهيُون. اڳواٽ معلومات، مضبوط ۽ پائيدار انفراسٽرڪچر، ريسڪيو ۽ امداد جو نظام وڌيڪ جامع ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.