پشاور -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي خيبرپختونخوا موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر م رکندي 7 سيپٽمبر کان 9 سيپٽمبر تائين خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وڌيڪ برساتن، آنڌاري، گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪندي لاڳاپيل ضلعي انتظاميه ۽ ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي طرفان جاري موسمي تنبيهه مطابق …
خيبرپختونخوا ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي، پي ڊي ايم اي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو
پشاور -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي خيبرپختونخوا موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر م رکندي 7 سيپٽمبر کان 9 سيپٽمبر تائين خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وڌيڪ برساتن، آنڌاري، گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪندي لاڳاپيل ضلعي انتظاميه ۽ ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي طرفان جاري موسمي تنبيهه مطابق ان دوران تيز برسات سبب ڪجهه ضلعن گليات، مانسهره، ڪوهستان، ڪولائي پالس، ايبٽ اباد، بونير، باجوڙ، بٽگرام، هنگو، سوات، شانگلا، ڪوهاٽ، صوابي، مردان، بنون ۽ ٽانڪ سميت ٻين هنڌن تي ندي نالن، برساتي چشمن ۽ درياهن ۾ فليش فلڊ جو خدشو آهي. ان کان علاوه پهاڙي علائقن ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو آهي. پي ڊي ايم اي جو ايمرجنسي آپريشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي، عوام ڪنهن به هنگامي صورتحال يا اطلاع لاءِ پي ڊي ايم اي جي 7/24 هيلپ لائين 1700 تي رابطو ڪري سگهي ٿو.











