يوم دفاع جي موقعي تي ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل فياض حسين شاهه جي مزار اقبال تي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي

لاهور-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع جي موقعي تي ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل فياض حسين شاهه مزار اقبال تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي هن علامه محمد اقبال جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته اقبال جو فڪر ۽ رهنمائي پاڪستان جي تحريڪ کي هڪ نئون جذبو بخشيو، سندس فڪر جي نتيجي ۾ ننڍي کنڊ جا مسلمان آزادي …

لاهور-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع جي موقعي تي ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل فياض حسين شاهه مزار اقبال تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي هن علامه محمد اقبال جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته اقبال جو فڪر ۽ رهنمائي پاڪستان جي تحريڪ کي هڪ نئون جذبو بخشيو، سندس فڪر جي نتيجي ۾ ننڍي کنڊ جا مسلمان آزادي لاءِ گڏ ٿيا. ليفٽيننٽ جنرل فياض حسين شاهه ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي. هن چيو ته يوم دفاع اسان کي ان عهد جي ياد ڏياري ٿو ته دشمن جي هر اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو ۽ شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.