اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر دانيال چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن ڊيم نه ٺاهيا ويا ته اڳتي به ڀارت جي پاڻي جارحيت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ملڪ ۾ ڊيمن جي تعمير تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ملڪي مفاد جي معاملن ۾ سڀني کي گڏجي ويهي فيصلو ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن …
ڪالاباغ ڊيم تي اعتراض ڪندڙن وٽ ڪو خاطرخواهه جواب نه آهي: دانيال چوڌري
اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر دانيال چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن ڊيم نه ٺاهيا ويا ته اڳتي به ڀارت جي پاڻي جارحيت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ملڪ ۾ ڊيمن جي تعمير تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ملڪي مفاد جي معاملن ۾ سڀني کي گڏجي ويهي فيصلو ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي ڪيترن ئي سالن کان سياست ڪئي پئي وڃي، اعتراض ڪندڙن کان جيڪڏهن سوال ڪيو وڃي ته ان جي گهرائي ۽ ويڪرائي ڪيتري آهي يا ان سان ڪهڙو نقصان ٿيندو انهن وٽ ڪو خاطرخواهه جواب ناهي هوندو، بدقسمتي سان پاڻي وسيلن کي محفوظ ڪندڙ معاملن تي سياست ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته سياست کان مٿانهون ٿي ملڪي مفاد جي لاءِ فيصلا ڪرڻ گهرجن، واهن جو نظام به ڪنهن جو پاڻي روڪڻ جي لاءِ نه هو ۽ ڊيم ٺاهڻ جو مقصد به ڪنهن جو پاڻي روڪڻ نه آهي، ان جو مقصد اهو آهي ته جيڪو پاڻي ضايع ٿئي ٿو ان کي مناسب طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڻي سڀ کان خطرناڪ هٿيار آهي، ڪنهن به ملڪ تي ڌماڪن سان ايترو نقصان نه ٿو ٿئي جيترو بي وقت پاڻي ڇڏڻ سان ٿئي ٿو، ڀارت ان تي سياست ڪري رهيو آهي، هڪ رپورٽ موجب ڀارت 300 کان وڌيڪ سمال ڊيمز ٺاهي ورتا آهن پر ان جي باوجود هن پاڪستان ۾ ٻوڏ ريلا ڇڏيا آهن جنهن تي افسوس ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان کي به پاڻي کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ڊيم ٺاهي ان جو انتظام ڪرڻ گهرجي، پاڻي جنگ ۾ جيڪڏهن اسان مڪمل انتظام نه ڪيو ته اسان کي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.












