پاڪستان ۽ چين بي ٽو بي ڪانفرنس دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي 9 يادداشتن تي صحيحون ڪيون

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين بي ٽو بي ڪانفرنس دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي 9 يادداشتن تي صحيحون ڪيون. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چين جي دؤري ۾ ٻي پاڪ- چين بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس دوران هڪ اهم ايم او يوز تي …

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين بي ٽو بي ڪانفرنس دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي 9 يادداشتن تي صحيحون ڪيون. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چين جي دؤري ۾ ٻي پاڪ- چين بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس دوران هڪ اهم ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هي معاهدو اُڀرندڙ ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل تعاون ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ تي ٻَڌل آهن. ان معاهدن ۾ وزارت، آءِ ٽي اينڊ ٽيليڪام ۽ ايم آءِ آءِ ٽي وچ ۾ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ تعاون تي جي ٽو جي ايم او يو، هواوي ٽيڪنالاجيز ۽ اين ٽي سي پاڪستان وچ ۾ فائبرائزيشن ۽ سرڪاري ڪنيڪٽوٽي وچ ۾ جي ٽو جي تعاون جو معاهدو، علي بابا انٽرنيشنل ڊجيٽل ڪامرس ۽ ايگنائيٽ وچ ۾ ڪيپسٽي بلڊنگ ۽ سهڪار جو جي ٽو جي ايم او يو، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت ۽ پاڪ چائينا انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ وچ ۾ جي ٽو بي ايم او يو آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت ۽ زيڊ ٽي اي وچ ۾ نوجوانن جي تربيت ۽ اسڪل ڊولپمينٽ تي جي ٽو بي معاهدو آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت ۽ چائينا سب ميرين ڪيبل ڪنسٽرڪشن ڪمپني لميٽيڊ وچ ۾ جي ٽو بي ايم او يو آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت ۽ گوڊونگ گروپ وچ ۾ جي ٽو بي ايم او يو، پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ ۽ شنگهائي لِنگانگ انٽرنيشنل ڊيٽا انڊسٽري انسٽيٽيوٽ وچ ۾ جي ٽو بي ايم او يو ۽ پاڪستان ۾ جديد ڊيٽا سينٽر جي قيام جو سنگ ميل منصوبو زيڊ ٽي اي ۽ اسڪاءِ 47 وچ ۾ ڊيٽا سينٽر جي معاهدن تي صحيحون شامل آهن.