سنڌ جي گورنر پاران ترڪيه ۽ سريلنڪا جي قونصل جنرلز جي اعزاز ۾ شاندار الوداعي تقريب

ڪراچي-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران ترڪيه ۽ سريلنڪا جي قونصل جنرلز جي اعزاز ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ هڪ شاندار الوداعي تقريب ٿي آهي. ان تقريب ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز، واپاري براداري جي نمائندن ۽ معزز شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ گورنر ترڪي جي قونصل جنرل سيمل سانگو جي خدمتن کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. …

ڪراچي-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران ترڪيه ۽ سريلنڪا جي قونصل جنرلز جي اعزاز ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ هڪ شاندار الوداعي تقريب ٿي آهي. ان تقريب ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز، واپاري براداري جي نمائندن ۽ معزز شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ گورنر ترڪي جي قونصل جنرل سيمل سانگو جي خدمتن کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. گورنر سنڌ چيو ته سيمل سانگو پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن واپار، ثقافت ۽ عوامي رابطن کي زور وٺائي پنهنجون يادگار خدمتون نڀايون. گورنر چيو ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جو عوام سيمل سانگو جي خدمتن کي هميشه قدر جي نگاه سان ڏسندو.اهڙي ريت گورنر سريلنڪا جي قونصل جنرل جگٿ ايبي وانا جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته جگٿ ابي ورنا پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۽ سريلنڪا جي عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪاوشن ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. گورنر ٻنهي قونصل جنرلز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندن خدمتون، دوستي ۽ سهڪار گڏيل اعتماد کي وڌائڻ جو سبب بڻيا آهن. ان موقعي تي گڏيل عرب امارتن، عمان ،ڪويت ،قطر ،بحرين ،چين ،انڊونيشيا ،جاپان،روس ۽ عراق سوڌو ٻين ملڪن جي قونصل جنرلز ۽ واپاري برادري به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ٻنهي قونصل جنرلز کي يادگاري تحفا پيش ڪيا ۽ هڪ ڪيڪ به ڪاٽيو، جنهن کي تقريب جي يادگار گهڙين ۾ شمار ڪيو ويو. گورنر ٻنهي قونصل جنرلز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو هميشه سنڌ جي عوام جي دلين ۾ زنده رهندا.