پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان فلسطيني وفد جي مُلاقات

اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آزادي ۽ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي منصفاڻي جدوجهد سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن فلسطيني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن جي قيادت فلسطيني صدر جي صلاحڪار ۽ سپريم جج محمود الهباش ڪئي. پرڏيهي آفيس اچڻ تي نائب …

اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آزادي ۽ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي منصفاڻي جدوجهد سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن فلسطيني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن جي قيادت فلسطيني صدر جي صلاحڪار ۽ سپريم جج محمود الهباش ڪئي. پرڏيهي آفيس اچڻ تي نائب وزيراعظم چيو ته کيس فلسطيني وفد جو استقبال ڪندي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته ملاقات ۾ فلسطيني عوام جي آزادي، وقار ۽ رياست جي لاءِ فلسطينين جي منصفاڻي جدوجهد سان اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ويو. نائب وزيراعظم چيو ته ملاقات ۾ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد ۽ خودمختيار فلسطين رياست جي لاءِ مضبوط حمايت کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ويو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن اسرائيلي جارحيت ۽ جنگي ڏوهن، نسل ڪشيءَ، فاقه ڪشي، انساني ساخته ڏڪار، اجتماعي قتل، غيرقانوني بستين جو قيام، قبضي ۽ جبري لڏپلاڻ کي سختي سان رد ڪندي هڪ مستقل ۽ غيرمشروط جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ جوابدهي جو مطالبو ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ملاقات ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت جاري رکڻ جو واعدو ڪيو آهي.