اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل ڀائيچاري ۽ مدد جي جذبي تي عمل پيرا ٿيندي اسان بحيثيت قوم ترقي ۽ خوشحالي، باوقار ۽ مضبوط مستقبل جي لاءِ پرعزم آهيون، ٻين جي خدمت جو پرخلوص جذبو، پاڪستان جي سماجي ۽ معاشرتي قدرن ۽ تهذيب جو اثاثو آهي، شديد برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل ڀائيچاري، امداد ۽ عطين جو …
ٻين جي خدمت جو پرخلوص جذبو، پاڪستان جي سماجي ۽ معاشرتي قدرن ۽ تهذيب جو اثاثو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل ڀائيچاري ۽ مدد جي جذبي تي عمل پيرا ٿيندي اسان بحيثيت قوم ترقي ۽ خوشحالي، باوقار ۽ مضبوط مستقبل جي لاءِ پرعزم آهيون، ٻين جي خدمت جو پرخلوص جذبو، پاڪستان جي سماجي ۽ معاشرتي قدرن ۽ تهذيب جو اثاثو آهي، شديد برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل ڀائيچاري، امداد ۽ عطين جو سماجي جذبو اڃان وڌيڪ اهميت اختيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عطين جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا سان هڪ آواز ٿي اڄ عطين جي عالمي ڏينهن تي معاشرتي ڀلائي ۾ امداد ۽ عطين ۽ گڏيل ڀائيچاري جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، پاڪستان جي معاشرتي تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته پاڪستاني بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي فرق ۽ بنا تعصب جي ٻين جي بي لوث مدد ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، ٻين جي خدمت جو پرخلوص جذبو پاڪستان جي سماجي ۽ معاشرتي قدرن ۽ تهذيب جو اثاثو آهي. هن چيو ته گڏيل ڀائيچاري ۽ مدد جي جذبي تي عمل پيرا ٿيندي اسان بحيثيت قوم ترقي ۽ خوشحالي، باوقار ۽ مضبوط مستقبل جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي رضاڪاراڻي خدمتگارن حادثن، قدرتي آفتن، جنگ ۽ ٻين ايمرجنسي حالتن ۾ سدائين پنهنجي هم وطنن جي ڀرپور عملي ۽ مالي مدد ڪئي آهي، پاڪستانين جي فلاحي ڪمن ۽ امداد ۽ عطين ۾ ڀرپور شرڪت جي ڪري عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو سڀ کان وڌيڪ عطيو ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اسان جي معاشري جا سرنديءَ وارا عطين جي اهتمام هيٺ مفت علاج، مفت دسترخوان، مفت ايمبولينس سروس جهڙيون خدمتون وڏي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان جي معاشري ۾ بي لوث خدمت، ٻين جي امداد ۽ فلاحي ڪمن ۾ شرڪت کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، اهو بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي سماجي ۽ معاشرتي ۽ اسلامي تعليم ۽ تهذيب جي روشن روايتن جو آئينيدار آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت به مختلف جامع پروگرامن جي ذريعي غربت جي خاتمي ۽ فلاحي ڪمن جي مختلف اسڪيمن تي ڪاميابي سان ڪم ڪري رهي آهي، انهن پروگرامن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، پاڪستان بيت المال، زڪوات، ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوشن، پاڪستان غربت جي خاتمي وارو فنڊ، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ۽ صحت جي شعبي ۾ ٻين قدمن تحت لکين ضرورتمند ماڻهو فائدو کڻي رهيا اهن. وزيراعظم چيو ته تازين شديد برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل ڀائيچاري، امداد ۽ عطين جي ان سماجي جذبي اڃا وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ورتي آهي، تازي ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ متاثر آبادي جي چوپائي مال، روزگار ۽ گهرن کي شديد نقصان پهتو آهي. هن چيو ته متاثر آبادي کاڌي پيتي جي شين، ڇَت ۽ صحت جي سهولتن جي منتظر آهي جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن، عوام ۽ فوج سڀني گڏجي ريسڪيو اينڊ ريليف آپريشن جاري رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته عطين جي عالمي ڏينهن تي اڄ آئون پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا ۾ موجود پاڪستانين پاران ٻوڏ کانپوءِ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پنهنجي هم وطنن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي ياد ڏياريان ٿو. واضح رهي ته هر سال 5 سيپٽمبر تي دنيا ۾ عطين جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.












