اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان بنگلاديش جي صدر جي مذهبي معاملن بابت صلاحڪار اي ايف ايم خالد حسين جمعي تي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب بنگلاديشي وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني عوام جا بنگلاديشي عوام سان ڀائراڻا …
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سان بنگلاديشي صدر جي مذهبي معاملن واري صلاحڪار جي ملاقات ، جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي اتفاق
اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان بنگلاديش جي صدر جي مذهبي معاملن بابت صلاحڪار اي ايف ايم خالد حسين جمعي تي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب بنگلاديشي وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني عوام جا بنگلاديشي عوام سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل روايتن ، اسلامي ورثي ، سماجي قدرن جي بنياد تي ٻڌل آهن. پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري خطي لاءِ اهم ثابت ٿيندي. بنگلاديشي صدر جي صلاحڪار چيو ته ڀرپور آجيان تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جا شڪر گذار آهيون. ٻنهي ملڪن جي مذهبي معاملن واري وزارت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ بين المذاهبي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. بنگلاديشي وفد پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري عالمي سيرت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.












