حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جو 1500هون يوم ولادت 06 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) نبي آخر الزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جو 1500هون يوم ولادت وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر 6 سيپٽمبر تي عقيدت ۽ احترام ۽ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 50 هين عالمي سيرت ڪانفرنس منعقد ٿيندي جنهن جو موضوع سوشل ميڊيا جي مفيد استعمال جي تعليم ۽ تربيت ۾ رياستي …

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) نبي آخر الزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جو 1500هون يوم ولادت وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر 6 سيپٽمبر تي عقيدت ۽ احترام ۽ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 50 هين عالمي سيرت ڪانفرنس منعقد ٿيندي جنهن جو موضوع سوشل ميڊيا جي مفيد استعمال جي تعليم ۽ تربيت ۾ رياستي ذميواريون، سيرت النبي رضه جي روشني ۾ رکيو ويو آهي، صوبائي گادي وارن شهرن ۾ به سيرت ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون، سيرت ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جو مقصد سيرت طيبه ﷺ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوان نسل جي تربيت ڪرڻ آهي، حاضر دور ۾ جتي نوجوان نسل کي مختلف فڪري، اخلاقي ۽ سوشل ميڊيا جا چئلينج درپيش آهن، تي سيرت طيبه ﷺ جو مطالعو سندس شخصيت سازي، ڪردار جي تعمير ۽ سوشل ميڊيا سميت جديد زندگي جي هر ميدان ۾ رهنمائي جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. نبي ڪريم ﷺ جي تعليم اسان کي برداشت، برابري، عدل، امانت، حيا، ديانت، مشاورت ۽ خدمت خلق جهڙا اوصاف عطا ڪري ٿي جن جي اڄ جي پاڪستاني معاشري ۾ سخت ضرورت آهي. سيرت النبي ﷺ کي هٿي ڏيڻ ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جو ڪردار ۽ رهنمائي اهميت واري آهي. واضح رهي ته مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت گذريل ڪيترن ئي سالن کان رياستي سطح تي سيرت طيبه ﷺ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر وقت قدم کڻي رهي آهي جن ۾ قومي سيرت مقابلا، قومي ۽ عالمي سيرت النبي ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ، عشره رحمت اللعالمين ﷺ جا پروگرامز، سيرت لٽريچر جي ڇپائي، سيرت سيمينارز وغيره شامل آهن. 12 اربع الاول تي وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته عشره رحمت اللعالمين رضه 2025ع نه رڳو نبي ڪريم رضه جي 1500 هين ولادت باسعادت جو موقعو آهي پر پاڪستان جي رياستي، علمي، تعليمي، فڪري ۽ ديني يڪجهتي جو ثبوت آهي. هي عشره اسان کي پنهنجي قول ۽ عمل کي تعليمات نبويٰ رضه جي تابع ڪرڻ، نوجوان نسل کي ڊجيٽل اخلاقيات جو شعور ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت اسلامي تشخص کي اجاگر ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو.