اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته جنوري کان جولاءِ 2025ع تائين هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران 1 لک 44 هزار کان وڌيڪ دستاويزن جي تصديق ڪئي وئي آهي. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي تي مشتمل ڪاغذي ڪاروائي ذريعي پاڪ تصديقي نظام اختيار ڪرڻ جو عمل جاري آهي. قومي اسيمبلي کي لکت ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي وفاقي وزارت پاران فراهم ڪيل تفصيل موجب جنوري کان …
جنوري کان جولاءِ 2025ع تائين هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران 1 لک 44 هزار کان وڌيڪ دستاويزن جي تصديق
اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته جنوري کان جولاءِ 2025ع تائين هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران 1 لک 44 هزار کان وڌيڪ دستاويزن جي تصديق ڪئي وئي آهي. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي تي مشتمل ڪاغذي ڪاروائي ذريعي پاڪ تصديقي نظام اختيار ڪرڻ جو عمل جاري آهي. قومي اسيمبلي کي لکت ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي وفاقي وزارت پاران فراهم ڪيل تفصيل موجب جنوري کان جولاءِ 2025ع دوران 1 لک 44 هزار 250 دستاويزن جي تصديق ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته بلاڪ چين ٽيڪنالاجي تي مشتمل ڪاغذي ڪاراوئي ذريعي پاڪ تصديقي نظام اختيار ڪرڻ جو عمل جاري آهي. ان نظام کي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ درخواست ڏيندڙ کي ذاتي طور تي ايڇ اي سي اچڻ جي ضرورت نه رهندي ڇاڪاڻ تي ڊيجيٽل تصديقي سند سسٽم ذريعي جاري ڪئي ويندي.












